شهيد ارشاد رانجهاڻي جا وارث انصاف گهرن ٿا، پلاند نه…!

روشنين جي شهر مان

تحرير:رزاق عاصي

ملڪ جي عدالتن هر مظلوم ماڻهو کي ايترو ئي ڀروسو هوندو جيترو انسان پنهنجي عقيدي موجب، پنهنجي مذهب جي خدا تي ڀروسو ڪري ٿو،، شهيد ارشاد رانجهاڻي جي وحشياڻي قتل بعد سندس وارث ۽ سموري قوم کي اهڙو ئي هڪ ويساهه گذريل هڪ سال کان جيئاريندو پيو اچي ته سفاڪ قاتل رحيم شاهه پنهنجي انجام تائين پهچندو، شهيد ارشاد رانجهاڻي ڪيس واقعي کان ويندي رانجهاڻي قتل ڪيس جي نامزد جوابدار انسپيڪٽر رياض آمر تي ٿيل حملي جو ڪيس داخل ٿيڻ واري خبر تائين هڪ صحافي هجڻ جي ناتي منهنجي نظر ۾ هن ڪيس تي رهي آهي، ڪالهه جڏهن ڊيسڪ تي اها خبر پهتي ته شهيد ارشاد رانجهاڻي جي ڪيس ۾ فريادي ڀاءُ خالد رانجهاڻي ڪيس جي پيروي ڪندڙ ڀاءُ منور رانجهاڻي سياسي ڪارڪن رشيد سڌايو سميت 4 ڄاتل ۽ ڪجهه اڻڄاتل ماڻهن مٿان ارشاد رانجهاڻي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار انسپيڪٽر رياض عامر پاڻ تي ٿيل قاتلاڻي حملي جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

پهرين ڏينهن شهيد جي ڪيس ۾ ڪهڙا اهم موڙ آيا ان تي نظر وجهڻ سان اسان کي اهو سموري وارتا سمجهڻ ۾ سولائي ٿيندي. جڏهن 7 فيبروري 2019ع تي يوسي ڀينس ڪالوني جي چيئرمين رحيم شاهه وچ روڊ تي عدالت لڳائي ارشاد رانجهاڻي کي ڦورو ڄاڻائي قتل ڪيو ته اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد نه رڳو سنڌ پر دنيا جي کنڊ کڙڇ ۾ رهندڙ حساس دل ماڻهن جا روح تڙپي اٿيا ۽ سموري دنيا مان سوشل ميڊيا تي ان وحشتناڪ عمل جي نندا به ٿي ۽ هڪ قومي ڪارڪن هجڻ جي ناتي ارشاد لاءِ سڀني کان پهرين سندس ويجهن ساٿين توڙي جيئي سنڌ تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ مسعود شاهه اي پي سي ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ۽ اها اي پي سي مخدوم بلاول وليج جي حسنين عباسي هائوس تي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سموري سياسي پارٽين شموليت ڪري ان وحشتناڪ قتل خلاف جدوجهد جو اعلان ڪيو. جنهن بعد  گورنر پهريون ڌرڻو گورنر هائوس آڏو لڳو، جنهن بعد شاهراهه فيصل جي ڪارساز واري هنڌ ڌرڻي بعد شهيد ارشاد رانجهاڻي جو قتل ڪيس شاهه لطيف ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.

ڪيس جو اکين ڏٺو شاهد مسعود شاهه ۽ ڪيس جو فريادي شهيد ارشاد رانجهاڻي جو ڀاءُ خالد رانجهاڻي ٿيو. ان ايف آءِ آر ۾ رحيم شاهه، سندس پٽ ۽ انسپيڪٽر رياض عامر نامزد ٿيا، خير ان معاملي جو اتي به ڇيهه نه ٿيو ۽ قاتلن جي گرفتار نه ٿيڻ تي سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به اهو اعتراف ڪيو ته پوليس هن جي چوڻ ۾ آهي جنهن سبب قاتل اڃا تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا، ڪيس هلندو رهيو ۽ هر نئين ڏينهن تي ڪا نه ڪا نئين ڳالهه به سامهون ايندي رهي.

جڏهن ڪيس جون شاهديون هليون ته رياست توڙي پوليس انتظاميا ڪيس جي اکين ڏٺي شاهد مسعود شاهه جو تحفظ ڪري نه سگهي، ته ڏسندي ئي ڏسندي ”خلائي مخلوق“ هٿان هن ڪيس جو شاهد کنڀجي ويا، سندس آزادي لاءِ ڀائر، پارٽي اڳواڻ ۽ قومي ڪارڪنن سيد آفتاب شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سندس گهرن تي ڇاپا هڻي آفتاب شاهه کي ڀائرن غفار شاهه، جنيد شاهه سميت گم ڪرڻ بعد غداري جا ڪيس هڻي جيلن ۾ واڙي ڇڏيو، اهو ظلم اتي به نه رڪيو جڏهن مسعود شاهه جا ڀائر ضمانت تي ٻاهر نڪتا ته انهن مٿان وري غداري جو ڪيس مڙهي جيل اماڻيو ويو (غفار شاهه، جنيد شاهه ۽ ٻيا هاڻ ضمانت تي ٻاهر آهن پر آفتاب شاهه اڃا سينٽر جيل ڪراچي ۾ ساٿين سميت قيد آهي). سندس ڪٽنب جو جيئڻ جنجال ڪري انهن کي پنهنجو وسندڙ وهڙو ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڀينس ڪالوني جي علائقي مان ئي لڏائي ڇڏيو، هي لڏائڻ وارا ڪير هئا..؟، ان زورآورن خلاف ڪو ڪيس داخل ٿيو..؟، هڪ قاتل بچائڻ لاءِ خاندانن جا خاندان دربدر ڪندڙ هو ڪير آهن، ڇا هي رياست، هي آئين، هي نظام يا حڪمران انهن جي نشاندهي ڪري سگهن ٿا..؟

اهم سوال هي آهي ته جيڪڏهن اهڙي ظلم خلاف ڪو آواز اٿاري ٿو ته انهن کي به سڌي ۽ اڻ سڌي نموني رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، مسعود شاهه ۽ سندس ڪٽنب نه ته هٿيار کڻي رستي تي نڪتو هو نه ئي انهن رياست جي عمل ۾ خلل وجهڻ جي ڪو ڪوشش ڪئي هئي، هنن ته فقط هڪ مظلوم جي ناحق خون خلاف آواز اٿاريو هو. ڇا مسعود شاهه جي ڪٽنب جي دربدري جو ازالو هي سرڪار ۽ هي رياست ڪري سگهي ٿي..؟

شهيد ارشاد رانجهاڻي جا وارث عدالتن تي هڪ معبود جيترو ڀروسو ڪري ڪيس جي پيروي ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ رانجهاڻي ڪيس جو فريادي خالد رانجهاڻي، منور رانجهاڻي جا نالا سرفهرست آهن. ها هڪ سال کان رانجهاڻي ڪيس دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ هلندڙ آهي. رحيم شاهه، هاءِ ڪورٽ کان ويندي سپريم ڪورٽ تائين قتل ڪيس مان ضمانت لاءِ درخواستون ڪري چڪو آهي، هن ڪيس جو اهم موڙ تڏهن آيو جڏهن رحيم شاهه سپريم ڪورٽ کي ضمانت لاءِ درخواست ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ اها درخواست رد ڪندي ٽن مهينن ۾ شهيد ارشاد رانجهاڻي ڪيس اڪلائڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد وڪيلن پنهنجي تياري ڪري ڪيس هلايو ۽ ايندڙ پيشي تي ڪيس جي فريادي خالد رانجهاڻي کي پيش ٿي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائڻو هو، ڪيس آخري مرحلن ۾ آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب، عدالت کي هر صورت ۾ ڪيس ٽن مهينن دوران اڪلائڻو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ اهم واقعو گذريل مهيني 28 فيبروري تي پيش آيو، جنهن ۾ ارشاد رانجهاڻي ڪيس ۾نامزد جوابدار رياض عامر تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ٿي، جنهن ۾ هو زخمي ٿيو ۽ هن 2 مارچ 2020ع تي شاهه لطيف ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ جو موقف اختيار ڪيو آهي ته مون کي ارشاد رانجهاڻي جا ڀائر منور رانجهاڻي ۽ خالد رانجهاڻي ڌمڪيون ڏيندا هئا،  سندس مٿان حملو انهن ئي ڪرايو آهي، سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ايف آءِ آر جي متن موجب ڄاڻايل ڪيس ۾ رشيد سڌائي لاءِ چيو ويو آهي ته هو هڪ ڀيرو اچي رياض عامر کي ڌمڪي ڏئي ٿو ته وري شام جي ٽائيم رياض عامر هن کي پنهنجي گهر ويجهو ڏسي ٿو، جنهن بعد رشيد سڌائي جي موجودگي دوران 4 موٽرسائيڪل سوار اچن ٿا ۽ هو رياض عامر تي گوليون هلائي زخمي ڪن ٿا.

سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا رياض عامر رشيد سڌائي جي ڌمڪي بعد هن کي آساني سان وڃڻ ڏئي ٿو ۽ شام جو جڏهن هو گهر ويجهو اچي فون تي ڳالهائي ماڻهو گهرائي ٿو ته ان وقت رياض عامر پنهنجي تحفظ لاءِ پوليس يا پنهنجي ويجهن ماڻهن کي اطلاع ڇو نٿو ڏئي، ٻيو ته ارشاد رانجهاڻي جهڙي هاءِ پروفائل ڪيس ۾ نامزد هجڻ باوجود هو پنهنجي حفاظت لاءِ پوليس کاتي (جنهن جو هو ملازم به آهي) کان مدد يا تحفظ جي ڇو نٿو وٺي.

خير ان وارتا موجب شهيد ارشاد رانجهاڻي جي ڀائرن منور رانجهاڻي ۽ خالد رانجهاڻي جو اهو موقف آهي ته هو هن رياست جا شهري هوندي رياست جي قانون، آئين ۽ عدالتن تي اعتبار ڪندي مطمئن آهن ته اسان کي عدالتون ۽ اسان جو پالڻهار انصاف ڏيندو. اسان کي صرف ۽ صرف ڀاءُ جي خون جو انصاف کپي ٿو، اسين پلاند تي ويساهه نٿا رکون انڪري وارث صرف انصاف گهرن ٿا پلاند نه، اسان هن رياست قانون ۽ سرڪار کان صرف ۽ صرف پنهنجو تحفظ ۽ انصاف جي گهر ڪيون ٿا.

خير هاڻ پڙهندڙ ۽ سرڪار توڙي سگهارا ادارا پاڻ فيصلو ڪن ته ڇا ارشاد رانجهاڻي جي انسانيت ناتي اهو حق ناهي ته هن جي ناحق خون جو انصاف ٿئي، ڇا هڪ قاتل رحيم شاهه کي بچائڻ لاءِ ڪيترا ارشاد رانجهاڻي اڃا ماريا ۽ دربدر ڪيا ويندا اهو سوال هر ساڃاهه وند ذهن هر حساس دل ۽ قوم جو هر هڪ فرد ڪري رهيو آهي، هو صرف اهو ئي چاهين ٿا ته قوم جو هڪ ڳڀرو پٽ جي وحشياڻي قتل جي عدالت ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن رحيم شاهه پنهنجي منطقي انجام تائين نه پهتو ته تاريخ ادارن ۽ رياست جي انصاف تي هر صدي ۾ آڱريون کڻندي رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.