نئين دهلي فساد: مارجي ويلن جو انگ 42، متاثر مسجدن لاءِ امداد جو اعلان

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي راجڌاني نئين دهلي جي اتر اوڀر علائقن ۾ انتهاپسند هندوئن جي حملن ۾ هن وقت تائين مارجي ويلن جو انگ 42 ٿي ويو.

دهلي ۾ 24 فيبروري کان هندو انتهاپسندن آمريڪي صدر ٽرمپ جي دوري دوران تڪراري شهريت جي قانون خلاف احتجاج ڪندڙ ماڻهن تي حملا ڪيا هئا، ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ حملن ۾ مسجدن، گاڏين، گهرن ۽ ٻي پراپرٽي کي باهه ڏني وئي ۽ نقصان پهچايو ويو.

نئين دهلي جي اتر علائقن ۾ انتهاپسندن مسلمان نوجوان کي سڃاڻپ ڪري تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين مارجي ويلن جو انگ 42 تائين پهچي ويو آهي.

دهلي جي صحت واري کاتي موجب دهلي جي گورتيخ بهادر اسپتال ۾ 38، لڪ نائلڪ اسپتال ۾ 3 ۽ جگ پروريش اسپتال ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي حالتن ۾ علاج هيٺ آهن. دهلي فسادن ۾ غازي آباد کان گوگلپور گهر وارن سان ملڻ لاءِ آيل ٻن سڳن ڀائرن عامر ۽ هاشم به مارجي ويا جن کي انتهاپسندن تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو.

ٻئي پاسي نئين دهلي جي اتر واري علائقن ۾ هن وقت تائين سيڪيورٽي فورسز مقرر آهن جڏهن ته دهلي پوليس فسادن جا ڪيس به داخل ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي.

دهلي پوليس جي ترجمان موجب مختلف واقعن ۾ 123 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ 630 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

دهلي جي رياستي حڪومت پاران انتهاپسندن هٿان ساڙيل گهرن ۽ مسجدن لاءِ 5 لک ڀارتي رپيا جڏهن ته جزوي نقصان پهتل گهرن لاءِ اڍائي لک جي امداد جو اعلان ڪيو آهي.

نئين دهلي جي وڏي وزير موجب سڙندڙ گهرن جي فوري بحالي لاءِ هڪ ٻن ڏينهن ۾ 25 هزار رپيا ڏنا ويندا جڏهن ته باقي رقم به جلد ئي متاثرن کي ڏني ويندي.

ڀارتي راجڌاني ۾ اقليتن تي حملن جي خلاف سموري دنيا جي عالمي اڳواڻن سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

ترڪ صدر طيب اردوان به دهلي فسادن جي مذمت ڪئي ۽ اهڙن واقعن کي ناقابل برداشت قرار ڏنو آهي.

وزيراعظم عمران خان به دهلي فسادن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.