جهاز ۾ ماڻهو ڀري آڻيندڙ خلاف ملتان اسٽيڊيم ۾ کنڊ چور جا نعرا لڳا…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيٽر مشاهد الله خان اٽي ۽ کنڊ بحران تي وفاقي جاچ ايجنسي جي رپورٽ سينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

سينيٽ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي مشاهد الله خان چيو ته اسان کي چوندا هئا ته توهان وٽ پرڏيهي وزير ناهي پر هنن وٽ ته صحت وارو وزير ئي ناهي، سمنڊ پار پاڪستاني ۽ سڌُ سماءَ وارو وزير ناهي، هان ڪورونا وائرس ملڪ ۾ پهچي چڪو آهي ۽ صحت جو وزير ناهي.

هن کنڊ بحران تي چيو ته گذريل ڏينهن ملتان اسٽيڊيم ۾ کنڊ چور جا نعرا هنيا ويا، نعرا ان شخص جي خلاف لڳا جيڪو جهاز ۾ ماڻهو ڀري ڀري آڻيندو هو ۽ سليڪٽ ڪرائيندو هو، مهانگائي جي ماريل عوام جي آس ٽٽي رهي آهي پر حڪومت جي ڪن تي جونئن به نٿي چري.

مشاهد الله خان جو کنڊ بحران تي چوڻ هو ته  چيو ويو کنڊ جي قيمت ۾ واڌ جي جاچ ڪرائينداسين، ايف آءِ اي کي جاچ رپورٽ تي 20 سوال ڏيڻ جي مطلب اِهو ئي آهي ته توهان جاچ نٿا چاهيو ۽ توهان ڪجهه ماڻهن کي بچائڻ چاهيو ٿا، کنڊ بحران جي رپورٽ توهان ايوان ۾ ڇو پيش ناهيو ڪندا؟

هن مطالبو ڪيو ته کنڊ بحران تي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ۽ جن ماڻهن مهٿانگائي ڪئي انهن کي سزا ملڻ گهرجي.

ڊيرن سيمي کي شهريت وارو معاملو به ايوان ۾ پهچي ويو، ليگي سينيٽر جو چوڻ هو ته ڊيرن سيمي کي عمران خان ريلو ڪٽو چيو هو، ڊيرن سيمي جون گهڻيون ئي خدمتون آهن ۽ اعزاز ڏيڻ گهرجي پر ڳالهائڻ کان پهرين تورڻ گهرجي نه ته اِهو ئي سامهون ايندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.