ڪراچي ڪنگز کي 52 رنسن تان شڪست، ملتان سلطانز جي پهرين پوزيشن

ملتان(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڪراچي ڪنگز کي هڪطرفي مقابلي کان پوءِ 52 رنسن تان شڪست  ڏئي ڇڏي.

ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز جي دعوت تي ملتان سلطانز بيٽنگ جو آغاز ڪيو ته شروع ۾ محمد عامر جي خلاف معين علي ڏکيائين ۾ ورتل نظر آيو پر ٻي اينڊ سان ذيشان اشرف جارحاڻو انداز اختيارڪيو.

ذيشان عميد آصف جي خلاف جارحاڻو انداز اختيار ڪيو ۽ هن جي جارحاڻي بيٽنگ کي ڏسندي ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم بالنگ لاءِ افتخار احمد کي لاٿو ۽ هن جي پهرين بال تي وڏو شاٽ کيڏڻ جي ڪوشش ۾ هو بابر اعظم کي ڪيچ ڏئي ويٺو جڏهن ته هن 23 رنسون بڻايون.

ان کان پوءِ معين علي جو ساٿ ڏيڻ شان مسعود آيو ۽ ٻنهي رانديگر ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو، معين علي شروع ۾ سٺي بيٽنگ ڪئي جنهن کان پوءِ جارحاڻو انداز اختيار ڪيو ۽ پنهنجي اڌ سينچر  مڪمل ڪري ورتي.

ٻنهي رانديگر ٻي وڪيٽ جي لاءِ 71 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي جنهن ۾ شان مسعود جو حصو رڳو 11 رنسن جو هو.

معين علي 42 بالن تي 4 ڇڪن ۽ اوترن ئي چوڪن جي مدد سان 65 رنسون بڻائڻ کان پوءِ پويلين واپس موٽيو.

رلي روسو جو وڪيٽ تي قيام به انتهائي مختصر رهيو ۽ هو رڳو 8 رنسون بڻائي پويلين موٽي ويو.

شان مسعود شروع ۾ محتاط انداز اختيار ڪرڻ کان پوءِ جارحاڻي بيٽنگ ڪندي اڌ سينچري مڪمل ڪري ورتي ۽ 61 رنسون بڻائي آئوٽ ٿيو.

روي بوپارا به هڪ چڪو هڻڻ کان پوءِ محمد عامر جي ٻي وڪيٽ بڻجي ويو جڏهن ته خوشدل شاهه به ڪو وڏو شارٽ کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو.

آخري اوورن ۾ ملتان سلطانز جي ٽيم وڌيڪ تيزي سان رنسون بڻائڻ ۾ ناڪام رهي ۽ مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 186 رنسون بڻايون.

ڪراچي ڪنگز طرفان محمد عامر ۽ ڪرس جورڊن 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

ڪراچي ڪنگز جي اوپنر شرجيل خان اننگز جو آغاز ڪيو ته هو روايتي جارحاڻي موڊ ۾ نظر آيو پر معين علي جي هڪ بال کي پُل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ناڪامي تي هو ايل بي ڊبليو قرار ٿيو.

بابر اعظم ۽ ايلڪس هيلز اسڪور 45 تائين پهچايو پر محمد عرفان جي بال تي محمد الياس شاندار ڪيچ کڻي بابر جي اننگز جو خاتمو ڪري ڇڏيو.

ايلڪس هيلز جو هڪ ڪيچ ڊراپ ٿيو پر هو ان مان فائدو کڻڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ 29 رنسون بڻائڻ کان پوءِ ڪيچ ڊراپ ڪندڙ شاهد آفريدي کي ئي  وڪيٽ ڏئي ويٺو.

اڃان ڪراچي ڪنگز ان نقصان مان پاڻ کي سنڀاليو نه هو ته ايندڙ اوور ۾ عمران طاهر ڪيمرون ڊيلپورٽ جو ڪم تمام ڪري پنهنجي ٽيم کي چوٿين ڪاميابي ڏياري.

ڪپتان عماد وسيم به ٽيم کي اڌ پنڌ ۾ ئي ڇڏي هليو ويو جڏهن ته چيڊول والٽن جي اننگز به 15 رنسن تائين محدود رهي.

ڪرس جورڊڻ ۽ افتخار احمد به وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ بالترتيب 13 ۽ 7 رنسون بڻائي آئوٽ ٿيو.

ان کان پوءِ ڪراچي ڪنگز گهڻي دير تائين ملتان سلطانز جي بالنگ جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ سڄي ٽيم  134 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

ڪراچي ڪنگز کي ميچ ۾ 52 رنسن تان شڪست ڏئي ملتان سلطانز پوئنٽس ٽيبل تي ٻيهر پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.

سلطانز طرفان عمران طاهر ٽي جڏهن ته سهيل تنوير ۽ شاهد آفريدي 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

معين علي کي اڌ سينچري ۽ هڪ وڪيٽ وٺڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

ان کان اڳ ايونٽ جي 10هين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.