ڪرمپور ويجهو نوجوان ڪارو پٿر پي آپگهات ڪري ڇڏيو

دڙو (ن ع آ) ڪرمپور لڳ ڳوٺ ڏياڻي ۾ نوجوان ڪارو پٿر پي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. 25 ورهين جي عرفان ٻپڙ گهران ڪاوڙجي ڪارو پٿر پي  ڇڏيو وارث نوجوان کي  ڪرمپور اسپتال کڻي آيا جتي هن جي حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب ڊاڪٽر پاران علاج لاء سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو نوجوان عرفان ٻپڙ سکر اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو  نوجوان جي پيء درخان ٻپڙ ٻڌايو ته سندس هڪ ئي  پٽ هو  گهر ۾ ٿوري گهڻي ڳالھ تي ڪاوڙجي گهر ۾ نقصان ڪندو رهندو هو هن پهريان به وڻ تي چڙھي ٽپو کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي . هن چيو ته آءۡ غريب هجڻ باوجود پٽ جي هر خواهش پوري ڪندو هئس خبر ناهين هن الائي ڇو ڪارو پٿر پيتو آهي ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان ذهني طرح سان ٺيڪ نه هو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.