کيبر لڳ موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، چاچو ۽ ڀائيٽيو فوت

کيبر (ن ع آ) کيبر ڀرسان سومرا موري وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ چاچو ۽ ڀائيٽيو فوت ٿي ويا . شاهپوردرپور پوليس موجب  سومرا موري ڀرسان لنڪ روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ بلوچ خاصخيلي واسي ٻه نوجوان 18 سالن جو فياض خاصخيلي ۽  22 سالن  جو عبدالرئوف خاصخيلي فوت ٿي ويا آھن جڏھن ته ٻه ڄڻا شديد زخمي ٿيا آھن فوتين ۽ زخمين کي مٽياري  اسپتال آندو ويو.مٽياري اسپتال مان فوتي نوجوانن جا لاش ضروري ڪاروائي کان پوء وارثن حوالي ڪيا ويا. جڏھن ته ھڪ سخت زخمي حميد آرائين کي حيدرآباد اسپتال موڪليو ويو. فوتي نوجوان پليجاڻي لڳ ڳوٺ بلوچ خاصخيلي جا رھواسي ھئا ۽ چاچو ڀائيٽيو ھئا. لاش ڳوٺ ۾ پھچڻ سبب گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو. شاھپور پوليس موجب حادثو اوندھ ۽ تيز رفتاري سبب پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.