ٽينس اسٽار ماريا شيراپووا ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) روس سان تعلق رکندڙ دنيا جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ 5 ڀيرا گرينڊ سليم جي چيمپيئن 32 سالن جي ماريا شيراپووا ٽينس تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ريٽائرمينٽ جي اعلان کان اڳ آخري ڀيرو هن آسٽريلين اوپن 2020 ۾ شرڪت ڪئي ۽ پهرين ئي رائونڊ ۾ شڪست کاڌي.

ماريا شيراپووا چيو ته آئون ٽينس کي الوداع چئي رهي آهيان، ٽينس کي پنهنجي زندگي ڏني ۽ ٽينس ئي مونکي زندگي ڏني.

هن چيو ته پنهنجي ٽريننگ ۽ روزمرا جي مصروفيتن واري ڏينهن کي ياد رکندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.