ڪورونا وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ ڏکيو ڇو؟…ماهرن ٻڌائي ڇڏيو

چين جي سائنسدانن تصديق ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس علامتون ظاهر ڪرڻ کان سواءِ به متاثر فرد مان ٻئي ۾ منتقل ٿي سگھي ٿو.

اهو پهريون ٺوس ثبوت آهي جنهن سان ان خيال جي ثابتي ٿئي ٿي ته نئون نوول ڪورونا وائرس ڪنهن متاثر فرد ۾ علامتون ظاهر ٿيڻ کان سواءِ به ٻين تائين منتقل ٿي سگھي ٿو ۽ ان حقيقت جي نتيجي ۾ ان جي پکڙجڻ جي روڪ ٿام هڪ وڏو چيلينج ثابت ٿيندو.

ووهان جي 20 ورهين جي عورت خاندان جي 5 ماڻهن ۾ ان وائرس کي منتقل ڪيو جڏهن ته هوءِ پاڻ جسماني طور تي ڪڏهن به بيمار نه ٿي هئي.

محققن جو چوڻ آهي ته 20 ورهين جي عورت کي هڪ اسپتال ۾ ڌار رکيو ويو جتي ويجهو کان سندس معائنو ڪيو ويو، جيڪا جسماني طور تي بيمار نه هئي عورت جي خاندان جي متاثر فردن ۾ بخار ۽ 2 ۾ شديد نمونيا ڏسڻ ۾ آيو.

ان عورت طرفان علامتون ظاهر ڪرڻ کان سواءِ وائرس جي منتقلي ظاهري طور غير معمولي هئي پر ماهرن ٻين ڪيسن کي به ڏٺو جن ۾ وائرس سبب متاثر ماڻهن ۾ علامتون ظاهر نه ٿيون هيون.

چائنيز سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينٽيشن جي رپورٽ ۾ 8 ڊسمبر کان 11 فيبروري تائين چين ۾ رپورٽ ٿيل سمورن ڪيسن جو تجزيو ڪندي دريافت ڪيو ته 1.2 سيڪڙو ماڻهن ۾ علامتون ظاهر ٿيڻ کان سواءِ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.