ڪورونا پاڪستان پهچي ويو، گلگت ۽ ڪراچي واسي ۾ وائرس جي تصديق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ 22 سالن جي نوجوان ۾ ڪورونا وائرس جي ظاهر ٿيڻ بعد وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا ٻئي ڪيس جي به تصديق ڪري ڇڏي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڊاڪٽر ظفر مرزا ڪورونا وائرس جي ٻن ڪيسن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ڪيسن جو ڪيلينڪل اسٽينڊرڊ پروٽوڪلز مطابق خيال رکيو پيو وڃي ۽ ٻنهي ماڻهن جي حالت مستحڪم آهي.

هن چيو ته حالتون ڪنٽرول ۾ آهن ۽ گهٻرائڻ جي ڪا ضرورت ناهي.

ان کان اڳ ڪراچي ۾ 22 سالن جي نوجوان ۾ ڪورونا وائرس جي علامت ظاهر ٿي هئي جيڪو پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر پهريون شخص هو.

جڏهن ته ڪورونا وائرس جو ٻيو ڪيس اسلام آباد ۾ سامهون آيو آهي، متاثر شخص جو تعلق گلگت بلتستان سان ٻڌايو پيو وڃي.

ميڊيا ڪوآرڊينيٽر جو چوڻ هو ته نوجوان اڄ نجي اسپتال آغا خان ۾ آيو هو جنهن بعد سندس گهر وارن کي به گهرايو ويو ۽ مريض ۽ سندس خاندان کي اسپتال ۾ ئي قرنطينا ۾ رکيو ويو.

هن چيو ته 22 سالن جي متاثر شهري ۽ سندس گهر وارن کي قرنطينا ۾ رکيو ويو آهي ۽ هنن سان گڏ سفر ڪندڙ سمورن ماڻهن جو جائزو ورتو پيو وڃي ته جيئن وڌيڪ ڄاڻ وٺي سگهجي ته سفر دوران وائرس ڪنهن ٻئي مسافر ۾ منتقل ته نه ٿيو.

سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب به بيان ۾ نوجوان ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪندي چيو ته متاثر شخص کي فوري طور تي آئسوليشن وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته نوجوان کي ايئرپورٽ تي اسڪين نه ڪيو ويو هو، ايئرپورٽ صوبائي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ نه پر وفاقي ڪنٽرول ۾ آهي جتي فوري طور تي سرويلنس وڌائڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت قدم کڻي رهي آهي، متاثر شخص سان گڏ جهاز ۾ سفر ڪندڙ ٻين ماڻهن کي به تلاش ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ايران کان اڏامون روڪڻ به ضروري قدم هوندو.

واضح رهي ته چين کان علاوا پاڪستان جي ٽنهي پاڙيسري ملڪن ايران، افغانستان ۽ ڀارت ۾ پهرين کان ئي ڪورونا وائرس جا ڪيس سامهون اچي چڪا آهن پر پاڪستان محفوظ هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.