ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي جي آرٽ اداري سي ايڊ  پاران واٽر ڪلر ڪانفرنس

عوامي آواز رپورٽ
ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي جي آرٽ اداري سي ايڊ پاران واٽر ڪلر ڪانفرنس
عوامي آواز رپورٽ ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي جي آرٽ اداري سي ايڊ پاران واٽر ڪلر ڪانفرنس

 

 

سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ڊزائن مهراڻ يونيورسٽي ۾ امن جا موتي نالي ٽن ڏينهن واري عالمي واٽر ڪلر ڪانفرنس شروع ٿي وئي آهي ، ڪانفرنس جو افتتاح ثقافت ۽  سياحت کاتي  جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ ، مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اسلم عقيلي ، سينٽر آف ايڪسيلنس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڀائي خان شر ۽ ٻن گڏيل طور تي ڪيو ، ڪانفرنس ۾ 50 کان وڌيڪ مختلف ملڪن جي آرٽسٽن پاران تيار ڪيل واٽر ڪلر پينٽنگس نمائش ۾ لڳايون ويون ، نمائشي تقريب ۾ آمريڪا , ڪئناڊا , روس , ارجنٽائن ۽ ٻين ملڪن جي آرٽسٽن شرڪت ڪئي  آهي ، نمائش جي شروعات ۾ ٻاهران آيل مهمانن کي ثقافتي رنگن ۽  سنڌ جي مشهور فنڪار تاج مستاني جي آواز ۾ موسيقي جي خوبصورت سازن سان ڀليڪار ڪيو ويو جنهن تي پر ڏيھ مان آيل مهمانن خوب جهمر کيڏي مزو ماڻيو،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.