گهوٽڪي:عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿي سگهيا

عوامي آواز رپورٽ
گهوٽڪي:عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿي سگهيا
عوامي آواز رپورٽ گهوٽڪي:عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿي سگهيا

 

 

 

گهوٽڪي لڳ ڳوٺ شير مهر مان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيل 2 نوجوان امان الله مهر ۽ الطاف مهر بازياب نه ٿيا . وارثن پاران گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي ٻاهران محمد اسماعيل مهر . امتياز مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي ته اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته پنج ڏينهن اڳ انهن جا نوجوان گهوٽڪي مان اغوا ٿي ويا . پر پوليس نوجوانن کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي . هنن چيو ته پوليس صرف آسرا پئي ڏي . ان موقعي ته اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن آء جي سنڌ . ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته فوري طور اسان جي نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.