سکر: صحافي عزيز ميمڻ جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو

عوامي آواز رپورٽ
سکر: صحافي عزيز ميمڻ جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو
عوامي آواز رپورٽ سکر: صحافي عزيز ميمڻ جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو

 

 

محرابپور جي سينيئر صحافي عزيز ميمڻ جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ،  ۽  جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبوڪيو ويو، سکر يونين آف جرنلسٽس جي سڏ صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اعلانيل احتجاج جي موٽ ۾ سکر يونين آف جرنلسٽس، سکر پريس ڪلب، سکر ڪيمرامين اينڊ فوٽو جرنلسٽس ايسوسيئيشن، سيفما سکر چيپٽر روهڙي يونين آف جرنلسٽس ۽ روهڙي پريس ڪلب جي صحافين پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين کي هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ ڪارا جھنڊا کنيل هئا. مظاهري جي اڳواڻي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جو مرڪزي سينيئر نائب صدر لالا اسد پٺاڻ، ايس يو جي جو صدر سليم سهتو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته صحافي عزيز ميمڻ جو قتل صحافت تي وار آهي. هنن مطالبو ڪيو ته صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.