نوابشاهه: رانديون شاگردن جي ذهني ۽ جسماني صحت لاءِ ضروري آهن:فريال ٽالپر

عوامي آواز رپورٽ
نوابشاهه: رانديون شاگردن جي ذهني ۽ جسماني صحت لاءِ ضروري آهن:فريال ٽالپر
عوامي آواز رپورٽ نوابشاهه: رانديون شاگردن جي ذهني ۽ جسماني صحت لاءِ ضروري آهن:فريال ٽالپر

 

پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ايم پي اي فريال ٽالپر چيو آهي ته رانديون صحتمند سرگرمي آهي ان سان شاگردن جو جسم ۽ ذهن چاڪ ۽ چوبند رهندو ۽ اُهي نصابي سرگرمين ۾ اڳڀرا رهندا ،  نوابشاهه جي بلاول اسپورٽس اسٽيڊيم ۾ ڊويزنل اسپورٽس فيسٽيول جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته جڏهن هوءَ ضلعي ناظمه هوندي هئي ته ضلعي شهيد بينظير آباد ۾وڌ ۾ وڌ اسڪول کولرايا ۽ جيڪو هن ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز ۾ هڪڙو ٻوٽو پوکيو هو اڄ ان جي شاگردياڻين زبردست ڪارڪردگي ڏيکاري مختلف راندين ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، جنهن جي کيس تمام گهڻي خوشي آهي، هن چيو ته ڪينسر اسپتال به هن کولرائي ،هن چيو ته هن جيڪا هتي محنت ڪئي آهي انهي ۾ آئون ڪامياب ٿي آهيان ۽ اهو سڀ ڪجهه رب العالمين جي مهرباني سان ٿيو آهي، انهي موقعي تي هُن ضلعي شهيد بينظير آباد، ضلعو سانگهڙ ۽ ضلعي نوشهرو فيروز جي ڪامياب ٿيندڙ رانديگرن ۾ انعام پڻ ورهايا

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.