ايس پي چوڌري اسلم ڪيس جا 2 جوابدار آزاد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت طرفان ايس پي چوڌري اسلم جي قتل تي ٺهيل سهولتڪاري ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو آهي.

دهشتگردي جي انت واري عدالت ايس پي چوڌري اسلم جي قتل ۾ سهولتڪاري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ٻن جوابدارن کي عدم شاهدين تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ظفر عرف سائين ۽ عبيد عرف آبي شامل آهن.

پوليس موجب ٻنهي جوابدارن تي چوڌري اسلم تي حملي جي لاءِ ريڪي ڪرڻ ۽ سهولت پهچائڻ جو الزام هو جڏهن ته ٻنهي جوابدارن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان سان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.