ڀارتي پائليٽ کي واپس ڪرڻ واري فيصلي کي دنيا ساراهيو: شاهه محمود

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارتي پائليٽ اڀي نندن کي واپس ڪرڻ جو وزيراعظم وارو فيصلو سموري دنيا ۾ ساراهيو ويو.

اسلام آباد ۾ ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن سان خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جا ٻه طرفا قدم خطي جي امن لاءِ خطرو آهن.

شاهه محمود قريشي والاريل ڪشمير بابت ڳالهائيندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جا ڀارتي قدم غير قانوني آهن.

هن چيو  ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪيسن والاريل وادي تي ٻه رپورٽون جاري ڪيون ۽ يورپي پارليامينٽ ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي بحث ڪئي وئي.

ان موقعي تي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ تي قوم پنهنجي فوج تي فخر ڪري ٿي.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت بابري مسجد کي شهيد ڪيو ۽ پاڪستان ڪرتارپور راهداري تعمير ڪئي ۽ تڪراري شهريت ترميمي قانون سبب نئين دهلي گذريل 48 سالن کان فسادن جي ور چڙهيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.