’’پلواما حملي کانپوءِ اسان کي ڀارتي جارحيت جو خدشو هو‘‘

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پلواما حملي کانپوءِ ڀارتي جارحيت جو خدشو هو ڇاڪاڻ ته اسان وٽ انٽيلي جنس رپورٽ هئي.

اسلام آباد ۾ ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي فورس هر محاذ تي انتهائي محدود ۽ ذميوراڻي رد عمل جو مظاهرو ڪيو.

هن چيو ته ڀارت جي مقابلي ۾ پاڪستاني ميڊيا انتهائي ذميواراڻي رپورٽ ڪئي ۽ جلدبازي ۾ جواب ڏيڻ بدران صبر جو مظاهرو ڪيو.

وزيراعظم چيو ته ڀارتي جارهيت کانپوءِ ڪيترائي ڀيرا جواب ڏئي پئي سگهياسين پر اسان صبر ڪئي، ڀارتي پائليٽ نئين دهلي حوالي ڪيو، ڀارتي آبدوز کي لاڪ ڊائون ڪيو پر ڪو جارحاڻو قدم نه کنيو.

هن چيو ته ڀارت جيڪو نسل پرستاڻو ۽ فاشسٽ نظريو اختيار ڪيو، اتان کان واپسي انتهائي مشڪل آهي، شهريت ترميمي قانون جي انتهاپسند هندوئن آر ايس ايس جو نظريو اختيار ڪيو ۽ هاڻي ڀارت ۾ فساد نه ختم ٿيڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

ان کان سواءِ وزيراعظم عالمي برداري تي زور ڏنو ته ڀارت کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

هن چيو ته ڀارت ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي قرادادن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، ڀارتي قدمن سان ڏکڻ ايشيا جو امن خطري ۾ پئجي ويو آهي ان لاءِ هي وقت آهي ته دنيا ڀارتي قدمن جو نوٽس وٺي.

ان موقعي تي وفاقي وزير، اعليٰ ۽ سول عسڪري انتظاميه سميت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان به تقريب ۾ شريڪ هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.