پاڪستان کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رکڻ جو مشن، حڪومت جو وڏو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته دنيا جي 23 ملڪن جا سائسندان ڪراچي ايندا.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪيو ته ڪراچي ۾ 2 مارچ تي ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ويهنداسين، اِهو چيلينج ڪنهن هڪ ملڪ جو نه پر سڄي انسانيت جو آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عالمي سهڪار سان ئي ان وڏي چيلينج کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.

ٻئي پاسي ايران ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين ۽ ٻن درجن کان وڌيڪ ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق کان پوءِ پاڪستان الرٽ ٿي ويو آهي. تفتان بارڊر سميت ٽرانزٽ گيٽ، راهداري ۽ پاسپورٽ گيٽ به بند ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.