پاڪستان ۽ روس 40 سال پراڻو واپاري تڪرار حل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ روس واپاري لاڳاپن ۾ اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو ۽ ٻنهي ملڪن 40 سال پراڻو واپاري تڪرار حل ڪري ڇڏيو.

واپار واري زراعت موجب  پاڪستان روس کي 9 ڪروڙ 35 لک ڊالرن جي ادائيگي ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد پاڪستان ۾ 8 ارب ڊالر جي روسي سيڙپڪاري جو رستو کلي ويو.

ذريعن موجب روسي سيڙپڪاري اسٽيل ۽ توانائي جي شعبي لاءِ آهي، 5 پاڪستاني ڪمپنين کي 2 ڪروڙ ڊالرز کان وڌيڪ رقم جي ادائيگي جو عمل به شروع ٿي ويو ۽ هڪ پاڪستاني ڪمپني کي ادائيگي ڪئي وئي آهي جڏهن ته باقي ڪمپنين کي به ادائيگي جو عمل جاري آهي.

واضح رهي ته 11 ڊسمبر 2019ع تي روس پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ ان جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ لاءِ سهڪار جي آڇ ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.