ڪورونا وائرس: پاڪستان ايندڙ مسافرن لاءِ هيلٿ ڊيڪليئريشن لازمي قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) سول ايوي ايشن اٿارٽي پاڪستان ايندڙ مسافرن لاءِ هيلٿ ڊيڪليئريشن لازمي قرار ڏئي ڇڏي جڏهن ته فارم جمع نه ڪرائيندڙ ايئر لائنز خلاف ڪارروائي ٿيندي.

سول ايوي ايشن جي ترجمان موجب ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ احتياطي قدم کڻڻ تي عمل شروع ڪيو ويو آهي ۽ پرڏيهه مان ايندڙ سمورن مسافرن کان هيلٿ ڊيڪليئريشن فارم ڀرائڻ جو عمل به باقاعده شروع ڪيو ويو آهي.

ترجمان موجب صحت واري وزارت پاران پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هيلٿ ڊيڪليريشن جو اردو ۾ فارم تيار ڪيو ويو آهي، جهاز جي لينڊنگ کان اڳ پائيلٽ جهازن ۾ مسافرن کي هيلٿ ڊيڪليريشن فارم ڀرڻ بابت آگاهه ڪندا جڏهن ته فارم نه جمع ڪرائيندڙ ايئر لائنز خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.