ايران ۾ ڪورونا وائرس: پاڪستان زائرين تي پابندي ناهي هنئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وزير نورالحق قادري ايران ۾ ڪورونا وائرس کانپوءِ پاڙيسري ملڪ کان سرحد عارضي طور بند ٿيڻ تي وضاحت ڏني آهي ته حڪومت زائرين تي قطعي طور پابندي ناهي لڳائي.

اسلام آباد ۾ نور الحق قادري جي صدارت هيٺ صحت جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا، مذهبي معاملن واري سيڪريٽري مشتاق ڀورانا، اهل تشيع ۽ ايران ۽ عراق زيارتن جي انتظاميه ۽ ٻين جو اجلاس ٿيو.

ڄاڻايل اجلاس ۾ چين کانپوءِ ايران ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ سبب پاڪستاني زائرين کي وبا کان بچائڻ ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو.

اجلاس کانپوءِ هڪ پڌرائي جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ مذهبي معاملن واري وزير  چيو ته حڪومت زيارتين جي زيارت تي وڃڻ جي حوالي سان پابندي ناهي لڳائي رهي، رڳو مخصوص وقت لاءِ عوام ايران جو سفر احتياطي طور تي گهٽائي ڇڏي.

هن چيو ته في الحال ڪوشش آهي ته زيارتين ۽ واپار دوران سفر کي گهٽ ۾ گهٽ ڪيو وڃي، ذاتي مفادن کي هڪ پاسي رکي قومي مفاد کي نظر ۾ رکيو وڃي، اسان خاص طور تي ايران جي سفر تي ويندڙن کي آگاهي ڏيڻ چاهيون ٿا.

پڌرائي موجب ايران سان سفر لاءِ پاليسي تيار ڪري رهيا آهيون ۽ ايران انتظاميه، صحت کاتي، ايراني پرڏيهي وزارت ۽ علمي مرڪزن سان رابطي ۾ آهيون، اميد آهي ته جلد ان وبا تي قابو آندو ويندو.

واضح رهي ته ايران ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين بعد 23 فيبروري تي پاڪستان پاڙيسري ملڪ سان گڏ پنهنجي سرحد کي عارضي طور تي بند ڪري ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.