خيبرپختونخواهه اسيمبلي جون سموريون اسٽيڊنگ ڪميٽيون ٽوڙيون ويون

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي گوڙ جي باوجود سموريون اسٽيڊنگ ڪميٽيون ٽوڙيون ويون.

خيبرپختونخواهه اسيمبلي اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر مڇي بازار بڻيل رهي ۽ مخالف ڌر ميمبرن اسپيڪر جي ڊائس آڏو بيهي احتجاج ڪيو.

مخالف ڌر جي هنگامي جي باوجود بلن جي منظوري جو سلسلو به جاري رهيو ۽ ان دوران ڪي پي ڪي اسيمبلي جون سموريون اسٽيڊنگ ڪميٽيون ٽوڙيون ويون.

ضلعي خيبرپختونخواهه مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبر شفيق آفريدي اسٽيڊنگ ڪميٽين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ پيش ڪئي جنهن کان پوءِ اسپيڪر مشتاق غني 36 ڪميٽين کي ٽوڙڻ جي باقاعده منظوري ڏئي ڇڏي.

شفيق آفريدي جو چوڻ هو ته ڪميٽين ۾ قبائلي ضلعن جي نمائندگي نه هئي.

گوڙ دوران فنانس ترميمي بل 2020ع جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته گليات ڊيولپمينٽ اٿارٽي ترميمي بل به منظور ڪيو ويو.

مخالف ڌر جي احتجاج جي ڪري اجلاس رڳو 40 منٽ هلي سگهيو ۽ اسپيڪر اجلاس سڀاڻي 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.