فروغ نسيم ڪنهن به عدالت ۾ وڪيل طور پيش نٿو ٿي سگهي…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر قلب حسن جو چوڻ آهي ته قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم نه ڪنهن عدالت ۾ وڪيل طور پيش ٿي سگهيو آهي نه ڪيس وڙهي سگهي ٿو.

پنهنجي بيان ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر چيو آهي ته قانون واري وزير فروغ نسيم جي ڪجهه ڪيسن ۾ دليلن جي اپيل حيران ڪندڙ آهي، هو وفاقي ڪابينا ۾ ٻيهر شموليت کان پوءِ وڪيل طور ڪيئن ٿو پيش ٿي سگهي.

قلب حسن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزير بڻجڻ کان پوءِ بار ڪونسل جي قاعدن جي تحت فروغ نسيم جو لائسنس معطل ٿي ويو هو، فروغ نسيم ڪنهن عدالت ۾ وڪيل طور پيش نٿو ٿي سگهي نه وري ڪيس ٿو وڙهي سگهي.

سندس چوڻ هو ته فروغ نسيم وفاقي وزير جو عهدو ڇڏي وڪيل طور پيش ٿي سگهي ٿو، فروغ نسيم کي عهدو ڇڏڻ سان گڏوگڏ وڪيل طور پيش ٿيڻ جي لاءِ بار ڪونسل کان اجازت وٺڻي پوندي.

سپريم ڪورٽ بار جي صدر وڌيڪ چيو ته قانون وارو وزير پهرين عدليه ۽ هاڻ وڪيل برادري کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، فروغ نسيم جي عدليه ۽ بارز جي آزادي گهٽ ڪرڻ جي سمورين ڪوششن جي خلاف مزاحمت ڪئي ويندي.

انور منصور ۽ فروغ نسيم خلاف توهين عدالت جي درخواست:

ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران پاڪستان بار ڪونسل جي وائس چيئرمين عابد ساقي دليل ڏيندي چيو ته انور منصور خان ۽ فروغ نسيم سپريم ڪورٽ ۾ دليل ڏئي توهين عدالت ڪئي آهي.

عابد ساقي جو چوڻ هو ته عدالت عظميٰ ماضي ۾ توهين عدالت تي وزير اعظمن کي گهر موڪليندي رهي آهي ان ڪري انهن ٻنهي جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

ان دوران قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته ان درخواست ۾ مون کي به ڌر بڻايو ويو آهي، مون کي دليلن جي اجازت ڏني وڃي، جيڪڏهن عدالت بهتر سمجهي ته حڪومت جي نمائندگي به ڪري سگهان ٿو.

جنهن تي پاڪستان بار ڪونسل جي وائس چيئرمين  عابد ساقي فروغ نسيم جي دليل ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي.

جسٽس قاضي محمد امين چيو ته توهان قانون واري وزير طور دليل نٿا ڏئي سگهو، توهان کي پهرين استعيفيٰ ڏيڻي پوندي.

فروغ نسيم کي ذاتي حيثيت ۾ دليل ڏيڻ جي اجازت:

فروغ نسيم چيو ته منهنجي خلاف جيڪا توهين عدالت جي درخواست آئي آهي ان تي دليل ڏئي سگهان ٿو، جنهن تي عدالت فروغ نسيم جي خلاف داخل درخواست تي هن کي ذاتي حيثيت ۾ دليل ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

سپريم ڪورٽ توهين عدالت ۽ ججن جي جاسوسي بابت پاڪستان بار ڪونسل جي درخواست کي نمبر هڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريفرنس ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته فروغ نسيم جي خلاف توهين عدالت جي درخواست به 30 مارچ تي ٻڌندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.