سجل علي ۽ احد رضا جي شاديءَ جون تقريبون شروع؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪار احد رضا مير جي والدا پاران انسٽاگرام اسٽوري تي ڪيڪ جي تصوير رکڻ بعد ادڪارا سجل علي ۽ احد رضا مير جي شادي واري تقريبن جي شروع ٿيڻ جا چوٻول شروع ٿي ويا.

ذريعن موجب احد رضا جي والدا پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گلاب ۽ گيندي جي گلن وچ ۾ ڪيڪ رکيل آهي جنهن تي ’’احد ۽ سجل جي ڍولڪي‘‘ لکيل آهي.

ان تصوير بعد جوڙي جي چاهيندڙن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي ڇاڪاڻ ته هاڻي ائين لڳي رهيو آهي ته ٻنهي جي شادي جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن ۽ مداحن کي سندن شادي جو انتظار آهي.

واضح رهي ته شادي جي باقاعده تاريخ جي حوالي سان اداڪار سجل علي ۽ احد رضا پاران ڪو اعلان ناهي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.