پريس ڪلب قاضي احمد جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو هلندڙ

قاضي احمد (ن ع آ)پريس ڪلب قاضي احمد جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، ان ڏس ۾ فنڪشنل ليگ جو اڳواڻ عبدالحفيظ جوڻو پاران نئين چونڊيل باڊي کي گلن جا هار پارايا ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ پارائي مبارڪون ڏنيون ۽ مٺائي پڻ کارائي ان موقعي تي مبارڪون ڏيڻ لاءِ گڏجي آيل دوست جنهن ۾ افتخار جوڻو نور دين قادري فقير مبين ڏاھري ابراهيم چانڊيو ٻيا اڳواڻ ۽ تعلقي قاضي احمد جو مزدور اتحاد جو اڳواڻ سڪندر علي خاصخيلي  خصالو ڀيل  ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا.

حڪومت سنڌ اندر ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن: پ پ ورڪر

ڪنب (ن ع آ)تعلقي صالح پٽ جي نوجوان پ پ ڪارڪن محمد سليمان شنباڻي ڪنب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ حڪومت سنڌ اندر ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا آھن  اسان جي صالح پٽ تعلقي ۾ بجلي روڊ پيئڻ جو پاڻي توڙي ٻيون سهولتون فراهم ڪيون آھن.

اٺهٺ موري واسي ڄام صاحب ٿاڻي جو جمعدار لاڏاڻو ڪري ويو

اٺهٺ موري (ن ع آ)ڄام صاحب ٿاڻي جو جمعدار الله رکيو لنڊ 45 سالن جي عمر ۾ حيدرآباد جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس مڙھه کي سٺ ميل ڀرسان ڳوٺ گلڻ خان لنڊ آندو ويو ت گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، سندس جنازي نماز ۾ ڊي ايس پي صدر شڪيل سرفراز، ايس ايڇ او ڄام صاحب غلام عباس شر، وڏو  منشي محمد اشرف شر، يار محمد چانڊيو، اٺھٺ موري پريس ڪلب جو صدر غلام سرور خاصخيلي، صحافي علي گل رند، جمعدار حبيب الله لنڊ سميت علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن پوليس آفيسرن ۽ مٽن مائٽن سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.