جھڏي ۾ مھانگائي، لاقانونيت ۽ بدامني خلاف عوامي تحريڪ جي ريلي

جهڏو (رپورٽ: اسحاق ساگر ڀٽي ) جهڏو ۾ عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ ٽيننسي ايڪٽ تي عمل نه ٿيڻ ھارين سان زيادتين، مھانگائي،  بدامني لاقانونيت، خلاف سنڌي ھاري تحريڪ جي سڏ تي جھڏو جي عوامي نگر پاڙو کان سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، رمضان ڪلوئي، اياز کوسو،  اميربخش جروار، جي اڳواڻي ۾ سوين ھارين ريلي ڪڍي ريلي ۾ شامل ماڻھن جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا جن تي ھارين سان زيادتيون بند ڪريو مھانگائي ختم ڪريو سنڌ ٽيننسي ايڪٽ تي عمل ڪريو شاھد رحيم جي قاتلن کي فاھي ڏيو امن بحال ڪريو ۽ ٻيا نعرا لکيل ھئا ريلي اسٽيشن روڊ، جهڏو ٿاڻو روڊ، ٽالپور اسڪول کان ٿيندي جڏھن پراڻي نيشنل بينڪ چوڪ پھتي ته جتي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايازکوسو،  رمضان ڪلوئي،  رامجي ڪولي،  اميربخش جروار،  محب ڀيل، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو، نورمحمد خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جو حالتون ھٿ وٺي خراب ڪيون پيون وڃن جهڏو ۾ واپاري شاھد رحيم کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ۽ پوليس ڪيس جي جاچ شفاف نموني نه ڪئي، ۽ هاڻي ڊرامائي انداز ۾ گرفتار ڪيل قاتلن کي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن هنن چيو ته سنڌ ۾ صحافين سان ذيادتيون ٿي رهيون آهن محراب پور جي صحافي کي قتل ڪيو ويو آهي ميرپورخاص ضلعي ۾ چار صحافي شهيد ٿي چڪا آهن هاڻي تازو ميرپورخاص جي سينيئر صحافي وارث خاصخيلي ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري صحافين جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جيڪو ناقابل برداشت عمل آهي هنن صحافين جي تحفظ جو مطالبو ڪيو هنن چيو ته سنڌ جي ھارين مزدورن سان ظلم ڪيا پيا وڃن سنڌ ٽيننسي ايڪٽ تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي ھارين جي بچت نٿي ڏني وڃي  کين پنھنجي اجھن تان بيدخل ڪيو پيو وڃي جيڪو عمل ڪنھن به صورت ۾ برداشت ڪرڻ جهڙو ناهي ھنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪندي چيو ته ٽيننسي ايڪٽ تي عمل ڪرائي مهانگائي بدامني تي ڪنٽرول ڪري امن قائم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.