ٺاروشاهه ۾ سماجي تنظيم طرفان غريبن ۾ سامان ورهايو ويو

ٺاروشاھ(ن ع آ)ٺاروشاھ ۾ ڀرٽ ھائوس تي آل سنڌ غريب نواز ويلفئير ايسوسيئشن پاران هڪ پرگرام منقد ڪيو ويو جهن ۾ 300 کان مٿي غريب مستحقين بي سهارن ۾ سلائي مشين سولرپليٽ نلاڪا پنکا ۽ روڪ رقم ڏني وئي پرگرام ۾ مهماني خاص طور پ پ پ جي اڳوڻي تعليم جي منسٽر پير مظھرالحق، ڊي سي رائو بلال شاهد، سماجي اڳواڻ اينجنئير ممتاز علي چانڊيو، احمد نواز ڀرٽ۔ شھناز رانجهاڻي ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت ۔شرڪت ڪندڙ اڳواڻن ميڊيا سان ڳهالائيندي چيو ته مرحوم عبدالحق ڀرٽ ھڪ بهترين انسان هو جهن سياست سان گڏوگڏ سماجي ڀلائي لاءِ  جاکوڙ ڪئي،  هن 1995 ۾ تڪ جي غريب عوام جي ڀلائي لا۽ آل سنڌ غريب نواز ويلفئير ايسوسيئشن جو بنياد وڌو جهن سبب هزارين غريب بي پوهچ مسقينن جي مدد ڪئي وئي جهن سبب اڄ غريبن جي گهرن جا چلها هلن ٿا عبدالحق ڀرٽ ھڪ درد رکندڙ انسان هو ان جي ڇڏيل واٽ کي سندس پٽ حاجي احمد نواز ڀرٽ اڳتي وٺي هلي رهيو آھي اسان جو نيڪ خواهشو ۽ دعائون هن سان گڏ آھن الله سائين هن کي سندس والد جيان ڪامياب ڪندو ان موقعي تي مرحوم عبدالحق ڀرٽ جي ڪيل خدمتن جي ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي آل سنڌ غريب نواز ويلفئير ايسوسيئشن جي طرفان هڪ ايمبولينس جو افتتاح پڻ ڪيو ويو.6

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.