آءِ ايم ايف ڪورونا وائرس کي عالمي معيشت لاءِ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊز (آءِ ايم ايف) ڪورونا وائرس جي وبا کي عالمي معيشت لاءِ وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آءِ ايم ايف جي سربراهه جي-20 ملڪن جي ناڻي واري وزيرن ۽ مرڪزي بينڪن جي گورنرز کي آگاهه ڪيو آهي ته پهرين کان ئي ڪمزور عالمي معيشت کي ڪورونا وائرس جي وبا کان وڌيڪ خطرو ٿي سگهي ٿو.

ان ضمن ۾ آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽالينا جورجيفا سعودي عرب ۾ منعقد اجلاس ۾ چيو ته عالمي معيشت جي متوقع بحالي جو امڪان انتهائي نازڪ آهي.

هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب عالمي سطح تي صحت سان لاڳاپيل هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، وائرس سان چين ۾ معاشي سرگرميون متاثر ٿيون آهن ۽ ان جي بحالي جا امڪان مايوس ڪندڙ آهي.

آءِ ايم جي سربراهه خبردار ڪيو ته وائرس تي تيزي سان قابو آڻڻ جي صورت ۾ به چين ۽ باقي دنيا ۾ معاشي گروٿ تي فرق پوندو، ڪورونا وائرس سبب حالتون ڳڻتي جوڳين ٿي رهيون آهن.

ٻئي پاسي چيني انتظاميه وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ لکين ماڻهن جي اڄ وڃ انتهائي محدود ڪري ڇڏي آهي جنهن جا معاشي طور تي ناڪاري اثر ظاهر ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.