”پاڪستاني شاگردن جي زندگي ۽ تعليم مڪمل ٿيڻ جي ضمانت ڏيون ٿا“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيني سفارتخاني چيو آهي ته چين ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگرد محفوظ ۽ صحتمند آهن اسان هنن جي زندگي ۽ تعليم مڪمل ٿيڻ جي ضمانت ڏيون ٿا.

اسلام آباد ۾ موجود  چيني سفارتخاني چين ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن بابت چيو آهي ته لکين چيني شهرين سميت پاڪستاني شاگردن کي رکڻ جو مقصد وبا کي پکيڙڻ کان وڌيڪ روڪڻ آهي، اسان پاڪستاني شاگردن جي پاڻ جيان سار سنڀال ڪري رهيا آهيون، پاڪستاني شاگرد محفوظ ۽ صحتمند آهن اسان پاڪستاني شاگرد جي روز مرهه جي زندگي ۽ تعليم مڪمل ٿيڻ جي ضمانت ڏيون ٿا ۽ شاگردن جي والدين کي انهن جي هر قسم جي حفاظت جي خاطري ڪرايون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.