’’طالبان سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد امن معاهدي تي صحيح ڪندس‘‘

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طالبان سان گڏ معاهدي تي صحيح ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هڪ ڀيرو افغان امن عمل ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي پهچي وڃن ته آئون معاهدي تي صحيح ڪندس.

وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته جي ها! آئون ان معاهدي تي پنهنجو نالو داخل ڪندس.

واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ امن معاهدي تي صحيح کان رڳو ڪجهه ڪلاڪ ئي اڳ ٽرمپ افغانستان ۾ هڪ آمريڪي فوجي جي مارجڻ تي ڳالهيون رد ڪري ڇڏيون هيون.

اهو به واضح رهي ته طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ پرتشدد ڪاررواين ۾ گهٽتائي جي منصوبي تي اتفاق ٿيو هو جنهن تحت طالبان هڪ هفتي تائين پنهنجي ڪاررواين ۾ نمايان گهٽتائي آڻيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.