ايران ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 8 ٿي ويو

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 8 ٿي ويو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 43 تائين پهتو آهي.

ايراني ميڊيا جي موجب ايران جي صحت واري کاتي جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 15 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي جنهن مان 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آحن.

وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ماڻهو ايران جي مذهبي اهميت تي ٻڌل مرڪزي شهر قُم ۾ سامهون آيا آهن.

وائرس جي وڌيڪ ڦهلجڻ جي خدشن کي نظر ۾ رکندي قُم سميت ايران جي 14 صوبن ۾ تعليمي ۽ ثقافتي مرڪزن کي هڪ هفتي جي لاءِ بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.

متاثر علائقن جي اسڪولن، آفيسن ۽ ٻين عوامي ماڳن کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي. هوڏانهن لبنان ۽ اسرائيل ۾ به ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي تصديق ٿي وئي آهي.

ايراني صحت واري وزير جو چوڻ آهي ته ايران ۾ ڪورونا وائرس چين جي ذريعي پهچايو آهي ۽ مارجي ويلن مان هڪ واپاري گذريل ڏينهن چين جا ڪيترائي دورا ڪيا هئا جنهن کان پوءِ چين جي لاءِ سڌيون سنئون اڏامون روڪيون ويون آهن.

 ٻئي پاسي چين ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 114 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جنهن کان پوءِ فوتگين جو گڏيل انگ 2 هزار 459 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته متاثرن جو گڏيل انگ 77 هزار ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.