سون جو اَگھهُ تاريخ جي بلند ترين سطح تي..!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جو اگھه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو في تولو اگھه 750 رپين جي واڌ کان پوءِ 49 هزار 250 رپيا ٿي ويو.
چين ۾ پکڙيل ڪرونا وائرس جي اثر جتي سڄي دنيا جي معيشت کي متاثر ڪيو آهي اتي سون به مهانگو ٿي ويو آهي، پاڪستان ۾ سون جي في تولي جو اگھهُ 750 رپين جي واڌ کان پوءِ 94250 رپيا جڏهن ته 10 گرام جو اگھهُ 643 رپين جي واڌ کان پوءِ 80804 رپيا ٿي ويو.
مقامي مارڪيٽ ۾ چاندي جو اگھهُ مستحڪم رهيو، جنهن کان پوءِ چاندي 1050 رپيا في تولو ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.