کوکرا پار روڊ تي ٽينڪر ٻن نوجوانن کي چيڀاٽي ڇڏيو

ملير(رپورٽر:جميل چانڊيو) کوکرا پار ۾ روڊ حادثو ٽينڪر موٽر سائيڪل سوار ٻن نوجوانن کي چيڀاٽي ڇڏيو.

کوکرا پار 3 نمبر ويجھو پاڻي جي ٽينڪر موٽرسائيڪل تي سوار کوکرا پار واسي ٻن نوجوانن کي زوردار ٽڪر ھڻي چيڀاٽي ڇڏيو، جنھن سبب ٻئي ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا.

فوت ٿيلن جي سڃاڻپ احمد رضا ۽ شاهه زين جي نالي سان ٿي آھي جڏهن ته سندن عمرون  15۽17 سال ٻڌائي پئي وڃي.

انھي سلسلي ۾ ايس ايڇ او کوکرا پار فاروق احمد سنجراڻي صحافين کي ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي ٽينڪر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽينڪر پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي ۽ لاش ضروري ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال موڪليا آهن ۽ مڙهه بعد وارثن حوالي ڪرڻ کان پوءِ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.