’’ايف اي ٽي ايف‘‘ ايران کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو

پيرس (ويب ڊيسڪ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) ايران کي انسداد عالمي دهشتگردي جي مالي سهڪار جي طئه ٿيل اصولن جي پاسداري ۾ ناڪامي تي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو.
پيرس ۾ قائم ايف اي ٽي ايف ڄاڻايل فيصلو وٺڻ کان اڳ خبردار ڪيو هو ته هو انسداد دهشت گردن جي فنانسنگ جي قائدن جي پاسداري ڪري.
ايف اي ٽي ايف ايران جي ٿوري گنجائش رکندي چيو آهي ته ملڪن کي گهرجي ته هو آزاداڻي طور تي انسداد جا قدم کڻي.
ان ضمن ۾ چيو ويو آهي ته ايران سان ڏيتي ليتي جي وڌيڪ جاچ ٿيندي، ايران ۾ فنانسنگ تنظيمن جي سخت ٻاهريون آڊٽ ٿيندو ۽ ايران سان گڏ ڪم ڪندڙ بينڪن ۽ ڪاروباري ادارن تي به دٻاءُ وڌو ويندو.
واشنگٽن دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سان گڏ جوهري معاملن، ميزائل پروگرام ۽ وچ اوڀر ۾ ايراني سرگرمين تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي.
واضح رهي ته ايف اي ٽي ايف جي پابندي اهڙي وقت تي سامهون آئي آهي جڏهن ايران ۾ پارلياماني چونڊن جو عمل اڄ مڪمل ٿيو آهي جنهن جي نتيجا سڀاڻي تائين اچڻ جي اميد آهي.
ويجهڙائي ۾ ئي ايران ايراني ڪائونسل جي عهديدارن تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.