سيري وٽ ٽرالر موٽر سائيڪل تي چڙهي ويو، ماءُ ٻن ٻارن سميت فوت

سيري(رپورٽر:ڪرشن راٺوڙ) ٽنڊو محمد خان سيري وٺ خوفناڪ حادثي ۾ ماءُ ٻن ٻارن سميت فوت ٿي وئي.

خبر موجب ٽنڊو محمد خان سيري ڀرسان تيز رفتار ٽرالر بيٺل موٽر سائيڪل مٿان چڙھي ويو  جنهن جي نتيجي 2 معصوم ٻارڙا ۽ هڪ عورت ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ شخص زخمي ٿي پيو.

ايس ايڇ او سيري انور خانزادو اطلاع ملڻ شرط واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي سول اسپتال حيدر آباد پهچايو، جتي فوتين جي سڃاڻپ انيلا زال بابر شيخ سندس 9 ورهين جو پٽ مظفر ۽ 4 ورهين جي نياڻي فائقه طور  ٿي.

فوت ٿيل لياقت ڪالوني حيدر آباد جا ٻڌايا ويا آهن جن جي ايس ايڇ او سيري تصديق ڪري ڇڏي، جڏهن ته ٽرالر جو ڊرائيور گاڏي سميت واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.