سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ عاصم سليم باجوه ۾ ملاقات

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوه سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ۾ چيو ته ٿر کان ڇاڇرو 105 ڪلو ميٽر کان وڌيڪ ريلوي ٽريڪ وڇائڻ ۽ سکر حيدرآباد روڊ به پ پ پ موڊ تي بڻائڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي.

تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوه جي ملاقات ٿي، ملاقات ۾ انرجي اسپيشلسٽ ياسر ۽ انفرااسٽريڪچر اسپيشلسٽ مزمل ضيا به موجود هئا.

ملاقات ۾ ڪي سي آر، ٿر ۾ ڪول ٽو گيس ٽو يوريا پروجيڪٽ وڌائڻ ۽ چائنا ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آئون سي پيڪ سان سلهاڙيل آهيان، منهنجي حساب سان ڪميٽي بندر بڻائڻ به هڪ  بهترين فيصلو هوندو.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته حددخليون هٽايون پيا پر ڪنهن کي بي گهر ڪرڻ تڪليف ڏيندڙ آهي، ڪابينا چيو آهي ته ڪنهن کي بي گهر نه ڪيو ويندو، اسان متبادل بندوبستن جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.

عاصم سليم باجوه چيو ته سنڌ حڪومت ملير ايڪسپريس وي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ٿر کان ڇاڇرو 105 ڪلو ميٽر کان وڌيڪ ريلوي ٽريڪ وڇائڻ ۽ سکر حيدر آباد روڊ به پ پ پ موڊ تي بڻائڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.