دنيا جي سڀ کان ننڍي ۽ سستي ’’ايم آر آئي‘‘ مشين وڪري لاءِ تيار

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان ننڍي ۽ گهٽ خرچ واري ايم آر آئي مشين وڪري لاءِ تيار ٿي وئي.
آمريڪي اداري ’’هائپر فائن ريسرچ انڪارپوريٽڊ‘‘ اعلان ڪيو آهي ته کيس پنهنجي تيار ڪيل مختصر ۽ گهٽ خرچ واري ايم آر آئي مشين وڪرو ڪرڻ لاءِ آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (ايف ڊي اي) پاران اجازت ملي وئي آهي. جنهن بعد ان ڪمپني پنهنجي ويب سائيٽ تي آرڊر وٺڻ به شروع ڪري ڇڏيا آهن.
ڇهن سالن جي لڳاتار تحقيق بعد تيار ٿيل هائپر فائن جي ان مختصر ايم آر آئي مشين ڪيترائي وڏا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي اوچائي رڳو 4.75 فٽ آهي ۽ رڳو 635 ڪلو وزني آهي.
قيمت جي معاملي ۾ به هائپر فائن جي لاڳت به روايتي ايم آر آئي مشينن جي مقابلي ۾ 20 ڀيرا گهٽ آهي، يعني جيڪڏهن عام مشين 5 ڪروڙ جي هوندي ته هن مشين جي قيمت رڳو 25 لک ۾ دستياب هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.