سي پيڪ منصوبن تي عملدرآمد جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته سي پيڪ منصوبن تي عملدرآمد جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

تفصيل موجب منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سان چيني سفير ياو جنگ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير سي پيڪ منصوبن جي گڏيل صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

اسد عمر جو چوڻ هو ته منصوبن تي عملدرآمد جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو، صوبن ۾ اسپيشل اڪنامڪ زونز جي قيام ۽ عمل کي ترجيح ڏني پئي وڃي، اڪنامڪ زونز ۾ ٿيل اڳڀرائي تي ڇتي نگراني به ڪئي پئي وڃي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون ڪي سي آر منصوبي ۾ دلچسپي رکن ٿيون. ان موقعي تي چيني سفير ياو جنگ جو چوڻ هو ته صنعتن جي وچ ۾ هر طرح جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.