پاڪستان پاران آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ امن معاهدي واري اعلان جي آجيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان عائشا فاروقي آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ امن معاهدي جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي.
عائشا فاروقي پاران جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ امن معاهدي جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو ويو آهي ته ڳالهين ۽ معاهدي ۾ پاڪستان ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان پر اميد آهي ته افغانستان جون سياسي جماعتون امن جي قيام ۾ بهتر ڪردار ادا ڪنديون جڏهن ته 29 فيبروري تي معاهدي تي صحيح جا منتظر آهيون، ان معاهدي سان افغانين جي وچ ۾ ڳالهين جي راهه هموار ٿيندي.
پرڏيهي ترجمان چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي عرصي تائين امن لاءِ عالمي برداري جي ڪوششن جا منتظر آهيون، افغانستان اندر اهڙو ماحول چاهيون ٿا جنهن ۾ افغان مهاجرن جي باوقار واپسي ممڪن هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.