ڪنٽينرز جي ٽيڪس چوري اسڪينڊل جاچ ۾ اڳڀرائي، 759 ڄڻن تي ڪيس داخل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) طورخم بارڊر جي 350 ڪنٽينرز جي ٽيڪس چوري اسڪينڊل جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ٽيڪس چوري جي الزام ۾ 759 جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو.

هلندڙ سال 2 فيبروري تي طورخم بارڊر تي بنا ڊيوٽي 350 ڪنٽينرز جي ڪليئرنس جو معاملو سامهون آيو هو جنهن کان پوءِ وزير اعظم عمران خان وفاقي جاچ ايجنسي کي جاچ جو حڪم ڏنو هو.

هاڻ ان ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڪسٽم انٽيليجنس طرفان ٽيڪس چوري جي الزام ۾ طورخم ٽرمينل آپريٽرز، ڪسٽم عملي، ڪسٽم ڪليئرنس ايجنٽس ۽ ڊرائيورن سميت 759 جوابدارن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي.

ڪسٽم اختيارين موجب شروعاتي جاچ ۾ 350 ڪنٽينرز مان 271 ڪنٽينرز جي ٽيڪس ڊيوٽي جو ريڪارڊ درست آهي جڏهن ته ٻين گاڏين جي ٽيڪس ريڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ جاري آهي.

شروعاتي جاچ موجب افغانستان مان تازن ميوون، خشڪ ميوون ۽ بصرن جي درآمدات ۾ ٽيڪس جي مد ۾ ملڪي ناڻي کي 4 ارب رپين جو نقصان پهچايو ويو آهي.

اين ايل سي اختيارين جو چوڻ آهي ته امپورٽ ٽرمينل مان گذرڻ کان سواءِ ڪو به ڪنٽينر اڳتي نٿو وڃي سگهي ۽ گيٽ اِن جاري ٿيڻ کان پوءِ ڪنٽينر کي بنا ٽيڪس ادا ڪرڻ جي وڃڻ جي اجازت ناهي.

ڪسٽم ڪليئرنس ايجنٽس جو چوڻ آهي ته ڪجهه وقت ڪنٽينرز ڪسٽم ڊيوٽي جمع ڪري سرڪاري موڪلن جي ڪري رهي پوندا آحن ۽ 2 ڏينهن کان پوءِ طورخم مان نڪرندا آهن ته اهڙن ڪنٽينرن تي فرار ٿيڻ يا ٽيڪس چوري جو شڪ ظاهر ڪيو ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.