ڪمل هاسن جي فلم جي شوٽنگ دوران حادثو، 3 ڄڻا اجل جو شڪار، 10 زخمي

چنائي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار ڪمل هاسن جي نئين فلم جي شوٽنگ دوران ڪرين حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
چنائي ۾ ڪمل هاسن جي فلم ’’انڊين ٽو‘‘ جي شوٽنگ جي سيٽ تي ڪرين جي هڪ منظر جي شوٽنگ دوران ڪرين توازن برقرار نه رکي سگهي ۽ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ان وقت ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته 10 زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال پهچايو ويو.
ان حوالي سان پروڊڪشن هائوس پاران هڪ پڌرائي جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ افسوس جو اظهار ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته اوچتي حادثي ۾ اسان جا ٽي محنتي ساٿي اجل جو شڪار ٿي ويا جن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪرشنا، آرٽ اسسٽنٽ چندرن ۽ پروڊڪشن اسسٽنٽ مڌو شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.