ڪامياب جوان پروگرام جو هڪ حصو 100 بلين رپين جو قرض ڏنو ويندو…!

لاهور(ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ آهي ته نوجوان اسان جي ڏاڍي وڏي طاقت آهن، ڪامياب جوان پروگرام جو هڪ حصو 100 بلين رپين جو قرض ڏنو ويندو، ماڻهن جو ڌيان ڏسي لڳي ٿو ته هاءِ ٽيڪ پروگرامز جو دائرو وسيع ڪرڻو پوندو.

تفصيل موجب لاهور ۾ آءِ ٽي يونيورسٽي ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي لانچنگ تقريب ڪوٺائي وئي، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود پراجيڪٽ جو افتتاح ڪيو.

ڪامياب جوان پروگرام جي تحت آءِ ٽي يونيورسٽي ۾ هاءِ ٽيڪ ڪورسز هوندا جڏهن ته ڊيٽا سائنس، سائبر سيڪيورٽي، ڪلاوڊ ڪمپوٽنگ، گرافڪ ڊيزائننگ جي تربيت ڏني ويندي ۽ گيم ڊيولپمينٽ، ڊيجيٽل مارڪيٽنگ، ٽريڊنگ فنانشل مارڪيٽس جا ڪورس ڪرايا ويندا.

ان موقعي تي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته پهريون ڀيرو آءِ ٽي يونيورسٽي ۾ آيو آهيان، منهنجي غلطي آهي جو اڄ هتي آيس پر مون کي پهرين هتي اچڻ گهرجي ها، نوجوان اسان جي وڏي طاقت آهن، جاپان جهڙا ملڪ اسان کان نوجوان وٺڻ پيو اچن.

شفقت محمود جو چوڻ هو ته ڪامياب نوجوان پروگرام جو هڪ حصو 100 بلين رپين جو قرض ڏيڻ آهي، افسوس آهي ڪامياب جوان پروگرام پهرين ڇو ناهي آندو ويو، 1 لک 70 هزار نوجوانن کي فني تعليم ڏيڻي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.