ايف اي ٽي ايف جو پاڪستان کي جون 2020ع تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو

پيرس(ويب ڊيسڪ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) پاڪستان کي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ جو فيصلو ڪندي ان کي جون 2020ع تائين گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ناڻي واري وزارت جي ماتحت ناڻي ڊويزن مان جاري بيان موجب پاڪستان ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان جي تحت مثبت اڳڀرائي ڪئي ۽ ٽاسڪ فورس پاڪستان جي بندوبستن کي قبول ڪيو ۽ ايڪشن پلان تي عمل جي عزم کي ساراهيو.

بيان ۾ چيو ويو ته ايف اي ٽي ايف وڌيڪ بندوبستن جي لاءِ پاڪستان کي جون 2020ع تائين وقت ڏئي ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان جي اڳڀرائي جو جائزو هاڻ جون ۾ ورتو ويندو، جڏهن ته پاڪستان کي گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ناڻي ڊويزن موجب حڪومت ايڪشن پلان جي باقي نقطن تي عمل جي لاءِ بندوبست ڪندي ۽ حڪمت عملي مرتب ڪئي آهي.

هوڏانهن چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گينگ شوانگ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو ته پاڪستان دهشتگردن جي فنڊنگ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجي نظام ۾ چڱي بهتري ڪئي آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته انهن قدمن کي نظر ۾ رکندي ايف اي ٽي ايف جي ميمبر ملڪن فيصلو ڪيو آهي ته دهشتگردن جي مالي سهڪار کي روڪڻ جي حوالي سان پاڪستان کي پنهنجي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو ويندو.

پريس بريفنگ ۾ جڏهن چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان کان ايف اي ٽي ايف اجلاس جي باري ۾ پڇيو ويو ته هن چيو پاڪستان دهشتگردن جي مالي سهڪار کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجي نظام ۾ چڱي بهتري ڪئي آهي جنهن جو اعتراف 20 فيبروري تي پڄاڻي تي پهچندڙ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ شريڪ ميمبرن جي اڪثريت ڪيو.

هن چيو ته اجلاس ۾ اِهو فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان کي پنهنجي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو ويندو.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڀارتي ميڊيا رپورٽن جي ترديد ڪندي چيو ته ان معاملي ۾ چين جو موقف تبديل ناهي ٿيو، واضح طور تي پاڪستان ٽيرر فنانسنگ جي خاتمي جي لاءِ گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون آهن ۽ ان جو اعتراف ايف اي ٽي ايف جي تازي ميٽنگ ۾ به ڪيو ويو.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ايف اي ٽي ايف جو مقصد ئي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جو مالي سهڪار روڪڻ ۾ ملڪن جي مدد ڪرڻ ۽ ان جي رياستي ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي.

هن چيو ته ان معاملي ۾ پاڪستان کي وڌيڪ سهڪار فراهم ڪرڻ جي لاءِ اسان لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.