”ڏکئي وقت مان نڪرڻ جو مطلب اِهو ناهي ته زندگي آسان ٿي وئي“

ليه(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ڏکئي وقت مان نڪرڻ جو مطلب اِهو ناهي ته آسان زندگي اچي وئي پر اڃان اڳتي به چيلينج آهن.

عمران خان پنجاب صوبي جي علائقي ليه ۾ احساس آمدن پروگرام جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان کي فلاحي رياست بڻايون.

هن چيو ته هن وقت تائين اسان جي ملڪ ۾ جيڪا ترقي ٿي ان ۾ امير اڃان امير ۽ غريب اڃان غريب ٿيندو ويو ۽ ان ۾ فاصلو وڌندو ويو.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته چين جي ترقي جو سبب اِهو آهي ته هن 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو ۽ اِهو ئي اسان جو پاڪستان جي خواب آهي، ان ڪري هي احساس پروگرام آهي جنهن جو مقصد هيٺين طبقي کي مٿي کڻڻ آهي.

هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو ته عورتن کي کي ڳئون، هڪ مينهن ۽ ٽي ٻڪريون ڏيون جيئن هو پنهنجو گهر هلائي سگهن، ان کان سواءِ هر مهيني 80 هزار ماڻهن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا جڏهن ته نوجوانن کي هر سال 50 هزار اسڪالر شپون ڏنيون وينديون.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته ان کان سواءِ اسان سڄي پاڪستان ۾ پناهه گاهون پيا بڻايون، اُهي ماڻهو جيڪي روڊن تي سمهندا آهن انهن جي لاءِ اِهي پناهه گاهون بڻائينداسين جيئن اهڙا ماڻهو اُتي رات گذاري سگهن ۽ انهن کي مفت ۾ ماني ملي.

ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي هن چيو ته هن وقت 180 پناهه گاهون بڻجي چڪيون آهن ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ ڪو ماڻهو روڊ تي نه سمهي.

هڪ نئين قانون بابت ڳالهائيندي وزير اعظم جو چوڻ هو ته اسان هڪ نئون قانون پيا آڻيون جيئن اُهي غريب جيڪي وڪيل نٿا ڪري سگهن انهن کي حڪومت وڪيل ڪري ڏئي جيئن ان کي عدالت مان انصاف ملي سگهي.

پنهنجي خطاب ۾ سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ 60 لک خاندانن کي صحت ڪارڊ ملندا جڏهن ته اسان اسپتال بڻائڻ ۽ ان جي مشينري جي درآمدات تي سموريون ڊيوٽيون ختم ڪري ڇڏي آهن.

اسڪولن ۽ تعليمي نظام جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته پراڻي بگڙيل نظام کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون جڏهن ته هڪ نصاب جي لاءِ به ڪم ڪري رهيا آهيون جيئن سڀ هڪ نصاب مان تعليم حاصل ڪري سگهن، پر اِهو ڏکيو آهي ڇو ته اسان 70 ۾ ان کي بگاڙيو آهي جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو.

ٿاڻي ڪچهري تي ڳالهائيندي هن چيو ته اسان پوليس جو نئون نظام آڻڻ چاهيون ٿا ۽ مون نئين آءِ جي کي چيو آهي ته ننڍن نه پر وڏن بدمعاشن کي پڪڙيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.