”ايف اي ٽي ايف جي اڪثر ميمبرن پاڪستان جي ڪوششن کي قبول ڪيو“

پيرس(ويب ڊيسڪ) چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي اڪثر ميمبرن پيرس ۾ جاري اجلاس ۾ دهشتگردن جي مالي سهڪار کي روڪڻ بابت پاڪستان جي ڪوششن کي قبول ڪيو آهي.

ان حوالي سان چيني پرڏيهي وزارت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان دهشتگردن جي مالي سهڪار جي خاتمي لاءِ گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون آهن جن کي ايف اي ٽي ايف جي اڪثر ميمبرن قبول ڪيو آهي.

ٽوئيٽ ۾ چيو ويو ته چين ۽ ٻيا ملڪ ان سلسلي ۾ پاڪستنا کي سهڪار جي آڇ ڪندا رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.