نئين پاڪستان جو نعرو هڻندڙن پراڻي پاڪستان کي به ڪفن پارائي ڇڏيو…!

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز شريف جو چوڻ آهي ته نئين پاڪستان جو نعرو هڻندڙن کي به ڪفن پارائي ڇڏيو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ عوام اڄ مهانگائي جون دانهون پيو ڪري، پي ٽي آءِ جا وزير به مهانگائي جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ هو چون ٿا ته عوام کي ڪيئن منهن ڏيون، مون کي خبر آهي ته کنڊ بحران جي پٺيان ڪير آهي ۽ چون ٿا ته ايڪشن وٺنداسين پر قوم چوي ٿي ته ايڪشن ڪڏهن ٿيندو، ايڪشن شهباز شهباز ۽ نواز شريف تي ٿيڻو هجي ها ته ٿي وڃي ها.

حمزه شهباز چيو ته نئين پاڪستان جو نعرو هڻندڙن پراڻي پاڪستان کي به ڪفن پارائي ڇڏيو ۽ اڃان ته مهانگائي جي شروعات آهي، اڄ تائين ڪنهن حڪومتي ذميوار جي خلاف ڪارروائي ناهي ٿي سگهي، جن جي خلاف ايڪشن هيڻو هو اُهي خان صاحب جي ڀرسان ويٺا آهن جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ جو گورنر اسان جي ايڪسپورٽس جي ڀيٽ سوڊان جي ايٿوپيا سان ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.