اڳوڻي اٽارني جنرل پنهنجي بيان تي سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي گهري ورتي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور خان سپريم ڪورٽ جي ججن جي خلاف ڏنل بيان تي عدالت عظميٰ کان غير مشروط معافي گهري ورتي.

ميڊيا کي مليل بيان موجب عدالت ۾ جمع ڪرايل لکت واري معافي ۾ انور منصور خان چيو ته 18 فيبروري تي ڏنل بيان واپس وٺان ٿو ۽ ان تي غير مشروط معافي گهران ٿو.

بيان جي موجب انور منصور خان چيو ته عدليه جو بي حد احترام ڪيان ٿو ۽ عدليه جي عزت ۽ وقار جي باري ۾ منفي بيان جو سوچي به نٿو سگهان.

خيال رهي ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ تڪراري بيان ڏيڻ کان پوءِ انور منصور خان اٽارني جنرل فار پاڪستان جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.