وزير اعظم جي خالد جاويد خان کي نئون اٽارني جنرل مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان خالد جاويد خان کي نئون اٽارني جنرل مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وزير اعظم قانون واري وزارت کي خالد جاويد خان جي مقرري لاءِ سمري موڪلڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اڄ ئي هن جي مقرري لاءِ سمري موڪلي وڃي.

خالد جاويد خان ان کان پهرين به اٽارني جنرل رهي چڪو آهي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي ججن خلاف الزام لڳائڻ تي حڪومت اٽارني جنرل آف پاڪستان انور منصور خان کان استعيفيٰ وٺي ڇڏي هئي.

اٽارني جنرل انور منصور خان جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس ۾ دليل شروع ڪندي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي 10 رڪني لارجر بينچ ۾ شامل ججن تي الزام هنيو هو ته هنن صدارتي ريفرنس جي خلاف ڪيس جي تياري ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مدد ڪئي آهي ۽ هنن کي مشورا ڏنا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.