ميان صاحب چونڊيل نمائندن کان وسريل، ترقياتي ڪم نه ٿيا، رهواسي پريشان

ميان صاحب (رپورٽ: مظفر ملڪ) ميان صاحب چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني ۽ انتظامي لاپرواهي سبب کنڊر بڻجي ويو، روڊ رستا ٽٽي تباهه ٿي ويا، جڏھن ته روڊن ۽ پيور بلاڪ ۽ ٻيون ھلندڙ اسڪيمن جا ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي گم ٿي ويا آھن، سالن کان ڪم اڌ ۾ پيل آهن،  جڏھن ته روڊس کاتو ستل آهي، ٻي طرف شهر  ۾ قائم ڪروڙين روپين جي لاڳت سان جڙيل پبلڪ هيلٿ جو نظام ناڪاره بڻيل آھي، جنھن سبب گندو نالين جو پاڻي گھٽين رستن تي بيھجي وڃڻ معمول بڻجي ويو آهي،  گندي پاڻي جو نيڪال شھر ڀرسان تلائن ۾ ڇوڙ ٿيڻ لڳو آهي، جنھن سبب جر جي پاڻي ۾ سنکيون شامل ٿي ويو، جنھن سبب  رهواسي جگر، ٽائيفائيڊ، مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن،   ياد رهي ته  2010ع ۾ آيل مھا ٻوڏ  جي تباھين ۾ اجڙي ويل ميان صاحب کان سلطان ڪوٽ،زرخيل، رحيم آباد،ڳوٺ خان محمد خان ۽  جيئا پور جا روڊ اڃا تائين  نہ ٺھي سگھيا آهن، روڊن کي ٻوڊ سبب ھنڌان ھنڌان ڪٽ لڳل ۽ کڏا پيل جنھن سبب حادثا معمول بڻيل آھن، ان حوالي سان رهواسين  عبدالخالق دايو، بھادر سومرو، امير بخش رند، علي بحر بلالي، علي نواز دايو، ڪاشف ٽانوري ۽ ٻين دانهيندي  چيو ته چونڊيل نمائندا ووٽ وٺي گم آهن،  تعليم، صحت، روڊ رستن سميت بنيادي سهولتن کان محروم  آهيون، پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ترقياتي ڪم ڪرائي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.