ٺل ۾يوسي سيڪريٽري زنده شخص کي فوتي ڄاڻائي ڇڏيو، احتجاج

ٺل(ن ع آ)ٺل جي يوسي سيڪريٽري زندهه شخص کي فوتي ڄاڻائي ڇڏيو،ووٽر لسٽ مان پورهيت جو نالو گم، پورهيت پاران ڪاروائي جي گهر،خبر موجب  ٺل جي يونين ڪائونسل ٺل نئون جي اسٽيشن روڊ جي رهواسي پورهيت علي محمد ولد محمد يعقوب گولو زندهه شخص کي يوسي سيڪريٽري فوتي ڄاڻائي ڇڏيو آهي،ووٽر لسٽ جي تصديق واري عمل جي دوران علي محمد گولو پاران جڏهن ووٽر لسٽ سينٽر تي رابطو ڪيو ويو ته هن جو نالو گم هو،بعد ۾ معلومات وٺڻ کانپوءِ خبر پئي ته کيس فوتي ڄاڻايو ويو آهي، جنهن ڪري ووٽر لسٽ مان نالو خارج ڪيو ويو آهي،ان حوالي سان پورهيت جو فوتي سرٽفيڪيٽ پڻ جاري ڪيو ويو آهي،پورهيت علي محمد گولو ٻڌايو ته يوسي جي سيڪريٽري پاران منهنجو فوتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي،جنهن بعد منهنجو نالو ووٽر لسٽ مان گم ٿيل آهي،مان زندهه آهيان مون کي الائي ڪيئن فوتي ڄاڻايو ويو آهي،مون کي ڪابه خبر ناهي،ٻڌايو پيو وڃي ته سڄو ڪم يوسي سيڪريٽري ڪيو آهي،هن مطالبو ڪيو ته يوسي سيڪريٽري جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.