لاڳيتو ٽيون ڀيرو ڪوئٽا گليڊيئٽرز جو حصو بڻجڻ تي فخر آهي: مايا علي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مايا علي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل)سيزن 5 ۾ به ڪوئٽا گليڊي ايٽرز جي برانڊ ايمبيسيڊر برقرار آهي.

اداڪارا مايا علي پي ايس ايل 3 ۽ پي ايس ايل 4 جي سيزن ۾ ڪوئٽا گليڊي ايٽرز کان سپورٽ ڪري رهي آهي.

مشهور فلم “طيفا ان ٽربل” جي اداڪارا مايا علي انسٽاگرام تي هڪ ويڊيو شيئر ڪندي لکيو ته لاڳيتو ٽيون ڀيرو ٽيم ڪوئٽا گليڊيئٽرز جو حصو بڻجڻ تي فخر محسوس ڪريان ٿي.

واضح رهي ته پي ايس ايل 5 جي افتتاحي تقريب جو ميلو اڄ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ سجي رهيو آهي جنهن ۾ گلوڪار راحت فتح علي خان، سجاد علي، عظمت، عارف لوهار، عاصم اظهر، آئما بيگ، صنم ماروي ۽ هارون سوڌو 350 فنڪار پرفارم ڪندا جنهن کان پوءِ ٽورنامينٽ جي باقاعده شروعات ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.